دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو ضلعي ۾ سال 2024 دوران مختلف خوني جهيڙن سبب 5 عورتن سميت 74 ڄڻن کي  قتل ڪيو ويو ، دادو ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي قتل جا 70 ڪيس داخل ٿيا ، نينگرين ، نينگرن سان جنسي زيادتي جا 11 ڪيس پڻ داخل ٿيل ، عورتن کي اغوا برائي تاوان ڪرڻ جا 72 ڪيس داخل ٿيل ، پوليس مقابلن جا 98 ڪيس داخل ڪيا ويا جنهن ۾ 5 ڄڻا ڦل فرائي ۽ 29 ڄڻن کي هاف فرائي ڪيو ويو ، ڌاڙن جا 25  ڪيس ، ڦرن جا 63 ڪيس ، دوڪانن ۽ گهرن کي کاٽ هڻڻ جا 53 ڪيس ، ڪار ڦر ڪرڻ جا 18 ڪيس داخل ڪيا ويا ، موٽر سائيڪل ڦر جا 18 ڪيس، چوپايو مال چوري جا 20 ڪيس ۽ ٻين مختلف تي چورين جا 13 ڪيس، منشيات جا 187  ڪيس، جوا جا 52 ڪيس، ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿيڻ جا 12 ڪيس ، غير قانوني هٿيار هٿ ڪرڻ جا پوليس پاران 162 ڪيسن سميت ضلعي جي 39 ٿاڻن تي سال 2024 جي دوران 2047 مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا ، سال2024 دوران 300 کان وڌيڪ عورتن پوليس وٽ لکت ۾ شڪايتون داخل ڪرايون آهن جنهن ۾ سندن مٿان تشدد، ملڪيت مان حصو نه ملڻ ۽ ٻيا مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ، جڏهن ته دادو ضلعي ۾ زميني تڪرار ۽ ٻين مسئلن تي خداآباد جي ڳوٺ امام بخش ڀنڊ ۾ مختيار ڀنڊ ،محمد حنيف ڀنڊ قتل ٿيا ،ڳوٺ موندر ۾ زميني تڪرار تان صابر شاهاڻي ، مظهر شاهاڻي ، شوڪت شاهاڻي ، جعفر شاهاڻي ۽ عورت عزت خاتون قتل ٿيا، جڏهن ته عابد برهماڻي ، مريد خاصخيلي ، محمد امين شاهاڻي ، نديم بروهي ، نواب جمالي ، رب رکيو چانڊيو ، جان محمد ڏاهري ، غلام شبير ملاح قتل ٿيا ۽ ميهڙ ۾ ڊيوٽي دوران پوليس اهلڪار ذوالفقار ترڪ کي قتل ڪيو ويو ، واهي پانڌي ۾ عورت نظيران برهماڻي قتل ٿي جنهن جي قاتل مٿان ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف مسلسل 5 ڏينهن دادو انڊس هاء وي تي ڌرڻو لڳو ۽ واهي پانڌي ۾ مڪمل شٽڙ بند هڙتال ٿئي فوتي عورت جي وارثن ۽ واهي پانڌي جي باشعور عوام مسلسل احتجاج بعد نظيران برهماڻي جي قاتلن مٿان ڪيس داخل ڪرايو جنهن بعد ڌرڻو ختم ٿيو، جڏهن ته دادو ضلعي جي پوليس پاران 98 پوليس مقابلا ڏيکاريان جنهن ۾ 5 ڄڻن مارڻ ۽ 25 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جي دوا ڪئي اڪثر پوليس مقابلا رات جي اونداهي ۾ ڪيا ويا ، پوليس قتل جي 30 کان وڌيڪ واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ، پوليس پاران گٽڪا سپارين رکڻ جي الزام هيٺ 100 کان وڌيڪ ڪئبنون هلائيندڙن کي گرفتار ڪيو پر زيڊ 21 ، گٽڪن جو وڪرو بند ڪرائڻ ۾ بري طور ناڪام رهي ، زيڊ 21 ، گٽڪن جو ڪاروبار هن وقت ۾ عروج تي هلي رهيو .

 دادو جي ساڃاهه وندن پاران پوليس تي بي اعتمادي ظاهر

دادو: دادو شهر جي سماجي ۽ سياسي اڳواڻ عاشق زئور ، رجب آزاد ، جاويد اختر گهلو ، قائم سيال ، ڊاڪٽر جبار ٻٻر ، وريام سنڌي،ضمير ڪوريجو ، مجيب پنهور ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته دادو ضلعي اندر امن ٿيڻ هڪ خواب بڻجي ويو آهي هر ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي مختلف ڳالهين تي ماڻهون قتل ٿي رهيا آهن ، هي اسٽيٽ ڪرائيم،منشيات،جوا سميت ٻيا سنگين معاملا آهن جن تي پوليس ڪم ڪرڻ بدران آفيسر شاهي ۽ سياسي ماڻهن کي خوش ڪرڻ ۾ سرگرم آهي،هي پوليس جا انگ اکر صاف ٻڌائين پيا ته پوليس ڪيترو امن ڪرايو آهي،دادو ايس ايس پي امير سعود مگسي آفيس يا ڪنهن جي ورسي تقريب ۾ نظر اچن ٿا باقي ضلعي جي اهم رستن توڙي نوگوايريا ۾ گشت ڪندي نظر نه ٿا اچن،دادو ضلعي جي ڪاڇي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ بااثرن جو رياست قائم ڪيل آهن جتي صرف ڏوهارين وڏي آرام سان رهن ٿا، هنن چيو ته پوليس اگر سچائي سان ڪم ڪري ته هڪ به ڏوهاري ڏوھ ڪرڻ پهريان لکين ڀيرا سوچيندو،دادو ضلعي اندر پوليس ۾ ڪاريون رڍيون موجود آهن جن خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ۽ دادو پوليس مان سفارشي نظام جو خاتم اچڻ تائين امن امان قائم نه ٿي سگهندو، آء جي سنڌ کي گهرجي ته دادو ضلعي اندر امن امان قائم ڪرڻ لاء سخت فيصلا ڪري ڏوهارين جي ساٿارين خلاف ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي،

منشيات، جوا، ڀتاخوري ۽ ڏوهارين کي ڇڏائڻ ۾ صحافي ۾ به شامل

دادو: دادو ضلعي اندر منشيات، جوا، ڀتاخوري ۽ ڏوهارين کي ڇڏائڻ سميت منشيات هلائيندڙ جي مالڪي ڪندڙ سياسي ماڻهن سان گڏ صحافين جو انگ پڻ موجود جيڪا رپورٽس ايس ايس پي دادو سيمت ٻين ادارن کي مليل جنهن تي ڪاروائي ڪرڻ بدران اها لسٽ فائيلن جي سونهن بڻيل آهي، جن ۾ صحافين سان گڏ پوليس اهلڪارن جو به وڏو انگ موجود آهي،

پوليس ڪم ڪري پئي جلد اڃا وڌيڪ ڪارروايون ڪيون وينديون: ايس ايس پي دادو

دادو: ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي چيو ته سال 2024 جي 10 مهينن دوران ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي داخل ٿيل 2047 ڪيسن داخل ٿيا آهن، 3100 ڄڻن کي گرفتار ڪري عدالتي ڪٽهڙي تائين پهچايو آهي،هن چيو ته 74 قتل جي ڪيسن ۾ 112 جوابدار کي گرفتاري ڪري چڪي آهي ، ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، پوليس سان مقابلن جا 98 ڪيس داخل ٿيل آهن جن ۾ 5 مارجي ويا ۽ 25 ڏوهاري زخمي ٿيا ۽ 195 گرفتار ڪيا آهن، سڄي ضلعي ۾ 25 گينگ موجود آهن جيڪي ڏوھ ڪن ٿيو، 10مهينن دوران عورت. جي اغوا جا 72 ڪيس داخل ٿيا جن مان 27 سي ڪلاس ۽ 37 ڪيس هلندڙ آهن، جنسي زيادتي جا 11 ڪيس داخل ٿيا آهن جنهن مان هڪ ڪيس سي ڪلاس ٿيو آهي ٻين جي جاچ هلندڙ آهي،موٽرسائيڪل چوري جا 18،ڪار چوري 18،ڌاڙن جا 25،ڦر جا 63، چوپايو مال چوري ۽ ڦر جا 13۽ دوڪانن ۽ گهرن کي کاٽ جا 53 ڪيس داخل ٿيا آهن جن ۾ 254 ڏوهاري گرفتار ڪيا آهن، غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوھ ۾ 156ڄڻا گرفتار ٿيا ۽ ٽوٽل 162ڪيس داخل ٿيل آهن،مختلف حادثن ۾ 10ڄڻا فوت ٿيا آهن جن ۾ 3 پوليس اهلڪار شامل آهن. دادو پوليس ڪم ڪري رهي آهي جلد اڃا وڌيڪ ڪاروايون تيز ڪري دادو ضلعي ۾ اڃا امن امان قائم ڪيو ويندو.