دادو ( رپورٽر ) پوري ملڪ جيان دادو ۾ به ٻارڙن جو عالمي ڏينھن جي مناسبت سان سماجي تنظيم سي آر سي ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول بي اينڊ آر انتظاميا پاران تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ پرنسپال پروفيسر محمد عرفان ڪلھوڙو، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر عرفان ساھڙ، چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر سيد ھدايت علي شاهه، پ ٽ الف صدر عنايت جمالي، سي آر سي اڳواڻ نياز چانڊيو، سماجي اڳواڻ محمد بخش ڪورائي، لالا ستار قريشي، رجب خان شاهاڻي، هيڊماستر ساجد مستوئي سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ ٻارڙن پاران تعليم جي اھميت، ٻارن جي حقن جي جاڳرتا، چائلڊ ميريج، چائلڊ ليبر، موبائيل فون جو ٻارن تي اثر ۽ سوشل ميڊيا جو غير معياري استعمال بابت مختلف تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، تقريب کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 18هين ترميم بعد سنڌ حڪومت خاص طور تي ٻارن جي حقن لاءِ بهترين قانون سازي ته ڪئي آهي پر انهن تي عمل نه پيو ٿئي، هنن چيو ته هن وقت به دادو ضلعي اندر سوا لک ٻارڙا تعليم کان محروم آهن جيڪي سڌي اڻسڌي ريت جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن،
سنڌ سرڪار پاران آرٽيڪل 25 اي تحت 5 کان 16 سالن جي ٻارڙن کي لازمي تعليم فراهم ڪرڻ بنيادي حقن ۾ شامل ته ڪيو ويو آهي پر قانونن تي عمل ڪير ڪرائيندو، هلندڙ سال به دادو ضلعي اندر ننڍي عمر جون شاديون ٿيون آهن جڏهن ته ضلعي اندر ٽي ڪيس پڻ ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام جا پڻ داخل ٿيا آهن هنن چيو ته هلندڙ سال دادو ضلعي اندر 9 ڇوڪرن ۽ ٻن نياڻين سان جنسي زيادتين ۽ اجتماعي زيادتين جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته 5 کان وڌيڪ جنسي زيادتين جي ڪيسن ۾ پوليس جي روايتي ۽ مجرماڻي ڪوتاهن سبب راڄوڻي ذريعي معاملا لئي مٽ ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته ضلعي جي سرڪاري اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ سالن کان فرنيچر فراهم نه ٿيڻ سبب 72 هزار کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا هن وقت به پٽ تي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن