دادو خزاني آفيس ۾ ملازمن ۽ استادن ۾ جهيڙي ۽ فائرنگ واقعي خلاف تالابندي، ڌرڻو

0
306
دادو خزاني آفيس ۾ ملازمن ۽ استادن ۾ جهيڙي ۽ فائرنگ واقعي خلاف تالابندي، ڌرڻو
دادو خزاني آفيس ۾ ملازمن ۽ استادن ۾ جهيڙي ۽ فائرنگ واقعي خلاف تالابندي، ڌرڻو

دادو ( رپورٽر ) دادو خزاني آفيس ۾ ٽريزري ملازمن ۽ استادن ۾ جهيڙي ۽ فائرنگ واقعي خلاف سنڌ ٽريزري ايمپلائيز ايسوسئيشن جي سڏ تي ملازمن خزاني آفيس جا گيٽ بند ڪري تالا بندي ۽ قلم ڇڏ هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو آهي

ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر حسن جان چنگيزي، شاهنواز راهپوٽو، نور نواز زرداري۽ ٻين جي اڳواڻي دادو، نوابشاھ، نوشهروفيروز، ڄامشورو، ميرپورخاص ۽ ٻين ضلعن مان پهتل ملازمن آڏو ڌرڻو هنيو

اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڀرٿي ٿيل نون استاد جا اي جي سنڌ ڪراچي ۾ پيئرول ڪري باقي اسان نه ڪنداسين.ٽريزري ملازمن سان جهيڙا ۽ مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، هنن چتاءُ ڏنو ته جيسيتائين واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم نه ڪيو ويندو

تيسيتائين تالا بندي ۽ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. ٻئي طرف ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪيل استادن پرديپ ڪمار، سهيل رضا ميمڻ ۽ عمران ڪورائي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، عدالت ٽنهي استادن جي 18 مئي تائين 50/50 هزار جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي

پرديپ ڪمار، عمران ڪورائي دانهيو ته ٽريزري آفيس ۾نون استادن جي پگهارن لاءِ وياسين ته ٽريزري ملازمن پلاننگ تحت اسان تي تشدد ڪيو ۽ هٿيار بند گهرائي انڌانڌ فائرنگ ڪرائي، فوٽيجز ۾ نظر ايندڙ هٿياربندن کي سڄو دادو سڃاڻي ٿو ته اهي ڪير آهن ۽ کين ڪنهن گهرايو هو،هنن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي فائرنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪري اصل حقيقتون سامهون آنديون وڃن