دادو ( رپورٽر ) سنڌ ۾ اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪرڻ جو راز فاش ٿي ويو. دادو ضلعي جي فوڊ کاتي جي گودامن مان سرڪاري ڪڻڪ جو هڪ لک ٻوريون وڪرو ڪرڻ جا انڪشاف ٿيا آهن، فوڊ کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽرس سيد امداد علي شاھ 2 مارچ تي جاري ڪيل آڊر نمبر 1192 تحت دادو ضلع جي ڦلجي اسٽيشن ، جوهي ، محمد هاشم کيڙو ، چنگلاڻي ۽ ٻين سرڪاري گودامن مان هڪ لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون خردبرد ڪري گم ڪرڻ تي غلام محمد ڪاڪيپوٽو ، شوڪت آرائين ، محبوب شاهاڻي ، عمران مگسي ، رياض چانڊيو ، مقصود احمد سميت 8 سپروائيزر ۽ فوڊ انسپيڪٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ، ڊائريڪٽر فوڊ پاران معطل ڪيل فوڊ سپروائيزر ۽ فوڊ انسپيڪٽرن جا بئنڪ اڪائونٽ بند ڪرائڻ لاء ڊي ايف سي دادو کي پابند بڻايو ويو آهي ، جڏهن ته دادو ضلع جي وڌيڪ 7 فوڊ گودامن جي سپروائيزر ۽ فوڊ انسپيڪٽرن کي پڻ 86 هزار ڪڻڪ گم ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا هئا جن مختلف اٽي چڪي ، فلور ملز جي نالن تي بئنڪ چالان جمع ڪرائي شوڪاز نوٽيس جي جواب سان گڏ چالانن جون ڪاپيون ڊائريڪٽر حوالي ڪرڻ سبب پاڻ کي معطل ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي.