دادو(رپورٽر ) شهر جي دواٻو اسٽاپ تي چانڊيا ۽ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ دوران هڪ واٽڙو سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندو جتي زخمين ۾ واٽھڙو مرچو سولنگي ۽ ميراڻي برادري جا 2 ڄڻا فيصل ۽ سندس والد اسلم ميراڻي گوليون ۽ لوهي سيخون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا ، هوڏانهن زخمي اسلم ميراڻي جي حالت خراب هئڻ ڪري کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي ، زخمي فيصل ميراڻي ٻڌايو ته 2 مهينا اڳ دادو ڪورٽ ۾ حاضري دوران ڀنڊ ۽ چانڊيا برادري ۾ ڪورٽ آڏو جيهڙو ٿيو هو ، جنهن تان چانڊيا برادري جي ماڻهن منهنجي والد ۽ مون مٿان حملو ڪري سخت زخمي ڪيو آهي، اي سيڪشن پوليس موجب واقعي جي اين سي رپورٽ داخل ڪئي آهي، گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻاسخت زخمي ٿيا آهن ، جن ۾ 2 پي پٽ ۽ هڪ واٽهڙو آهي، ڪجھ مهينا اڳ ڀنڊ ۽ چانڊيا برادري ۾ جيهڙو ٿيو هو جنهن ۾ اسلم ميراڻي وارن ڀنڊ برادري جي ماڻهن سان گڏ چانڊين سان جهيڙو ڪيو هو ڪرڻ لاء آيو هو ، جنهن تان جهيڙو ٿيو آهي