دادو  ( رپورٽر ) ٻه ڏينهن اڳ مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض حسين راھوجو سول اسپتال دادو پھچي ايمرجنسي وارڊ ، گائني ، ٻارن ، ميڊيڪل وارڊ جو معائنو ڪيو ، انهيء دوران سماجي اڳواڻ عباس وگهيو ، گائني ۾ عورتن ۽ ٻارن جي وارڊ ۾ مريضن جي وارثن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا ، گائني وارڊ ۾ عورتن ڊي سي دادو آڏو شڪايت ڪئي ته 30 ، سال اڳ هن اسپتال ۾ اسان جا سيزر ٿيا روپيو به خرچ نه ٿيو ، ٽيسٽن کان ويندي دوائون اسپتال مهيا ڪيون ، اڄ اسان پنهنجي ڀاڄائي سان سيزر لاء آيا آهيون ته الشفاء ليبارٽري مان 3 هزار روپين جون ٽيسٽون ڪرايون آهن ، هن اسپتال ۾ ڪا به دوا ناهي ، نه هنن وٽ ڪينولا سيٽ آهن ، ٻارن جي وارڊ ۾ داخل ٻارن جي وارث عورتن شڪايتون ڪيون ته هت بيڊ نه آهن ، ڏسو اسان جا 4/4 ٻار هڪ بيڊ تي پيل آهن ، اسان مائرون ڪٿي ويهون ، صفائي ناهي بدبوء ۾ ويهي نٿيون سگهون ، خدا جي واسطي هن اسپتال جي مالڪي ڪيو ، بيڊ وڌيڪ رکو ته جئين تڪليف کان بچي سگهون ، غلام عباس وگهيو داهيو ته 4 مهينن دوران صحت کاتي ۾ هڪ ، ارب روپين جي بجيٽ آئي اها ڪڏي وئي ، سول توڙي ڊي ايڇ ڪيو ۾ ڀينگ لڳي پئي ، ايمرجنسي ۾ به ايمبولنس ۽ تيل نه ٿو ڏنو وڃي ، اسان شڪايتون ڪيون ٿا ته اسان تي ايف آء آر داخل ڪرايون ويون ، ڊي سي دادو فياض حسين راهوجو مريضن جي شڪايت بابت اسٽنٽ ڪمشنر دادو کي جاچ جا حڪم ڏيندي 3 ڏينهن رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ، ڊي سي دادو چيو آهي ته سول اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ آھي ھڪ بيڊ تي 4 کان 5 مريض داخل آھن ، دوائون موجود آهن ، ڊاڪٽر موجود هئا ، شايد اڳواٽ ڏنل پروگرام تحت اچڻ ڪري ڊاڪٽر موجود آهن ، بنا ٻڌائڻ جي اوچتو اچڻ تي خبر پوندي ته ڊاڪٽر اچن ٿا يا نه ، ڊي سي دادو سول سرجن ڊاڪٽر زاهد کهرو ۽ ڊي ايڇ او عبدالحميد کونهارو کي هدايت ڪئي ته بيڊن جي کوٽ ختم ڪرائي ، صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر ڪيا وڃن ، ٻيهر آيس ۽ ساڳيون شيون نظر آيون تي پوء قدم کنيو ويندو