دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو ضلعي جي مڪاني ادارن ۾ اربين رپين جي بيقائدگين جي اطلاعن تي نيب پاران وڏي پيماني تي جاچ شروع ڪري ڏني آهي ، نيب ڪراچي پاران ضلع ڪائونسل چيئرمين ، دادو ، ميهڙ ، ڪي اين شاھ ، جوهي ميونسپل چيئرمين ، سي ايم او ۽ اڪائونٽنٽ ۽ اي ڊي اييل جي کي ضلع جي ٽائون ڪاميٽيز ۽ 66 يوسيز جو جنوري 2009 کان جون 2023 تائين جو سمورو رڪارڊ ڏيڻ لاء نوٽيس جاري ڪيو آهي ، نيب پاران ضلع ڪائونسل ۾ او زي ٽي شيئر ، ايڊيشنل گرانٽس ، ايم اين اي ، ايم پي ايز پاران ڏنل فنڊن ۽ خرچ ڪيل فنڊن جو رڪارڊ گهري ورتو آهي ، ضلع ڪائونسل توڙي ميونسپل دادو جي اعتبار جوڳن ذريعن نيب نوٽيس جي تصديق ڪئي آهي ، اهڙي نوٽيس کانپوءِ لوڪل گورنمينٽ جي آفيسرن ، چيئرمين ۾ ٿرٿلو متل آهي