دادو(رپورٽر) دادو شهر ۾ ميراڻي ۽ مستوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو سيوهڻ ۾ سردار حاڪم خان نوحاڻي جي سرپئنچي ۾ فيصلو ٿيو آهي ، ڳالهين دوران مير ميراڻي ڌر جي ماڻهن تي استاد خادم مستوئي جي پٽ عاطف کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ تي مير ميراڻي ڌر تي 41 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو ، مير ميراڻي ڌر تي واٽهڙو کي زخمي ڪرڻ جو 3 لک روپيا ڏنڊ وڌو ۽ مير ميراڻي جي ڀاء جا 3 ڏند ڀڃڻ تي عاطف مستوئي ڌر تي 5 لک ڏنڊ وجهڻ تي مير ميراڻي ڌر جي ماڻهن فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري فيصلي مان واپس ٿيا آهن ، فاروق احمد ميراڻي حق جو فيصلو ٿئي ها ته مڃو ها ، پهريان اسان جي ڀاء جا عاطف مستوئي تشدد ڪري 3 ڏند ڀڳا هئا ، جنهن تان جهيڙو ٿيو جنهن جو 5 لک ڏنڊ ۽ اسان تي هڪ ڄڻي کي زخمي جا 41 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو ان ڪري فيصلو قبول نه ڪيو ، پهريان فيصلو ايم اين اي رفيق احمد جمالي وٽ رٿيو ويو هو ، خادم مستوئي وارن اعتراض واريو ، اسان صبر ڪري فيصلي ۾ وياسين پر انصاف ڀريو فيصلو نه ٿيڻ ڪري قبول ناهي ڪيو ، جڏهن خون بها 30 لک آهي ته زخمي جو 41 لک روپيا ڏنڊ ڪٿان جو انصاف آهي ، عاطف مستوئي پيس بيڪر تان ڦر ڪندي پڪڙجي پيو ، 6 مهينا جيل هو ، ڏوهاري آهي