دادو ( رپورٽر ) دادو جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت ڀاڄائي کي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار نظير حسين ڀنڊ کي عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، سزا ٻڌائڻ کانپوءِ جوابدار کي پوليس جي سخت سيڪيورٽي ۾ لاڙڪاڻو جيل نيو ويو آهي ، سزا ٻڌايل جوابدار نظير حسين ڀنڊ خلاف ميهڙ ٿاڻي تي پنهنجي ڀاڄائي عظيمان ڀنڊ کي قتل ڪرڻ جي ايف آء آر داخل ٿيل هئي ، داخل ايف آء آر ۾ قتل ٿيل عورت جي مڙس حاڪم ڀنڊ جو به جوابدار طور نامزد هو جنهن سان عورت جي وارثن راضي نامو ڪيو هو