دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي جمال الدين سولنگي گرلس پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻين ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي ، ڊي او اليمنٽري هيڊ ماسترياڻي عائشه جتوئي جي جاء تي ماروي جمالي جو هيڊ ماسترياڻي جو آڊر ڪيو ۽ کيس چارج ڏيارڻ لاء گرلس اسڪول پهتا ته عائشه جتوئي ، ماروي جمالي کي چارج ڏيڻ کان انڪار ڪندي ڊي او ۽ ٽي او آڏو احتجاج ڪيو ته بدلين تي پابندي آهي ، بائيو ميٽرڪ جا مسئلا آهن ، جنهن تان عائشه جتوئي ۽ ماروي جمالي وچ ۾ منهن ماري ۽ جهڙپون ٿيون ۽ هيڊ ماسترياڻي جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ تي تازو مقرر ڪيل هيڊ ماسترياڻي ماروي جمالي ٽيچرس سان گڏ عائشه جتوئي ، سندس ڀاء ۽ ٻين ٻاهرين ماڻهن خلاف ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء بي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي وئي ۽ شام دير تائين ٿاڻي تي موجود رهڻ باوجود ايف آء آر داخل نه ٿي سگهي آهي ، ٻيهر ماروي جمالي رات دير سان بي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء پهچي وئي . ٻئي طرف ڊي او اليمنٽري لياقت علي نائچ  ٽيچرس عائشه جتوئي کي غير واسطيدار ماڻهون اسڪول ۾ گهرائي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ ۽ ٽيچرس کي حراسا ڪرڻ جي الزام هيٺ معطل ڪري ڇڏيو آهي ، مقرر ڪيل هيڊ ماسترياڻي ماروي جمالي جو چوڻ آهي ته عائشه جتوئي چارج ڏيڻ بدران ڀاء ۽ ٻين غير واسطيدارن کي گهرائي ٽيچرس کي حراسا ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي آهي