دادو(رپورٽر ) دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او اعجاز احمد مسڻ اي سيڪشن ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ عورت اي ايس آءِ ثمينا وگهيو سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي، دادو جي هڪ شادي هال ۾ رٿيل شادي تقريب ۾ ڊي ايس پي سلطان احمد، مختلف ٿاڻن جي اهلڪارن، عورت اهلڪار ۽ عورت اي ايس آء ثمينا وگهيو جي گهر ڀاتين شرڪت ڪئي، شادي تقريب دوران گهوٽ ڪنوار ايس ايچ او اعجاز احمد مسڻ ۽ اي ايس آءِ ثمينا وگهيون هڪ ٻئي کي منڊيون پارايون ويون ۽ شادي جون سموريون رسمون ميندي، کير پيارڻ، مٺائي کارائي وئي ۽ ٻيون رسمون ادا ڪيون ويون، ساڳئي ئي ٿاڻي تي 6 مهينن دوران گڏ ڊيوٽي ڪرڻ دوران ايس ايچ او ۽ عورت اي ايس آءِ وچ ۾ معائشقو ٿيو ، ايس ايچ او ۽ عورت اي ايس آءِ ۾ محبت جي داستان پوليس ۾ باھه جيان پکڙجي ويو هو، عيد الفطر کان اڳ ٻنهي جي شادي رٿيل هئي پر ثمينه وگهيو جي مائٽن پاران اعتراض واريا هئا، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او اعجاز احمد مسڻ جو چوڻ آهي ته هڪ ئي ٿاڻي تي گڏ ڊيوٽي ڪرڻ دوران ثمينه وگهيو پسند اچڻ لڳي ۽ ساڻس محبت جو اظهار ڪيو موٽ ۾ هن به مونکي پسند ڪرڻ جي ڳالھه ڪئي ۽ هڪ ٻئي سان محبت کانپوءِ نڪاح ڪري پسند جي شادي ڪئي آهي.
متان طلاق نه ٿئي: اي ايس آءِ 20 لک رپيا حق مهر لکرائي ورتو
دادو: ايس ايچ او اعجاز مسڻ سان شادي ڪندڙ اي ايس آءِ ثمينه وگهيو 20 لک رپيا حق مهر لکرائي ورتو آهي. ان ڏس ۾ ايس ايچ او اعجاز مسڻ سان شاديءَ لاءِ اي ايس آءِ ثمينا جي وارثن خدشا رکيا، جنهن تي ايس ايچ او خدشا ختم ڪري طلاق جي صورت ۾ 20 لک رپيا ادا ڪرڻ بابت لکت ۾ شرط قبوليو، جنهن بعد ٻنهي جي جمعي جي رات مقامي شادي هال ۾ شادي ٿي ۽ رسمون ادا ڪيون ويون.
اهلڪارن جي شاديءَ ۾ دهل وڳو ۽ دوسو نه مڙيا، اهلڪارن جون ڊانسون
دادو: ايس ايچ او اعجاز مسڻ پاران، اي ايس آءِ ثمينا جي شاديءَ ۾ ڪنواريتن پاران مختلف گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو ، جڏهن ته اهلڪار دوست به نچندا رهيا.