دادو(رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ۾ بدامني جي باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، هلندڙ سال جي 90 ڏينهن دوران 4 لک آبادي واري شهر دادو جي ٻن ٿاڻن جي حدن مان 173 موٽر سائيڪلون، 97 موبائيل فونز ڦر ۽ چوري ٿيڻ جون رپورٽون دادو جي اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن ٿاڻن تي داخل ڪرايون ويون آهن، جڏهن ته عيد ڏهاڙي تي واپارين کان ٻه موٽر سائيڪل ڦر جي واردتن بعد انجمن تاجران جي سڏ تي ميونسپل پارڪ ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ دادو شهر جي مختلف مارڪيٽن جي واپارين، دوڪاندارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي بعد واپارين گل حسن پنهور، احمد زئونر، رئوف مستوئي، اقبال قريشي، ممتاز چنا ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي جي مقرري بعد پورو ضلعو ڏوهارين حوالي ٿي ويو آهي، روزانه ڦرون چوريون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهي، لکين روپين جو موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري ٿين ٿيون پر ايس ايس پي چوي ٿو اهو وڏو ڪرائيم ناهي، هنن چيو ته پوليس ۽ ڏوهارين جي ياري آهي جنهن سبب شهري ڦرجي لٽجي رهيا آهن دادو پوليس عوام جي جان و مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، واپارين چتاءُ ڏيندي چيو ته دادو شهر مان ڦر ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪلون واپس نه ٿيون ته ايندڙ هفتي شٽر بند هڙتال ۽ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، واپارين آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي کي فوري طور هٽائي ايماندار ايس ايس پي مقرر ڪري دادو شهر مان ڦر ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي امن امان بحال ڪرايو وڃي، جڏهن ته پوليس ذريعن موجب دادو جي اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي حدن مان هلندڙ سال جي 90 ڏينهن دوران 173 موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري جون وارداتون پيش آيون آهن، 97 موبائيل فون ڦر ۽ چوري ٿيا، 103 گهرن مان چوري جون رپورٽون ٿاڻن تي درج ٿيون آهن