ميھڙ : ميھڙ بار پاران به ڪورٽ اندر حملي واري واقعي جي مذمت ڪندي واقعي جي جانچ جي گھر ڪئي وئي آھي ۽ ميھڙ بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري نالي واري قانوندان وڪيل سعيد احمد پنھور چيو آھي ته واقعي سبب ميھڙ ۾ عدالتي ڪاروايون معطل ڪيون ويون آھن ھن چيو ته افسوس جو ميھڙ ڪورٽ گيٽ وٽ واڪ ٿرو گيٽ توڙي اسڪريننگ جو ڪوبه سسٽم ناھي ، ماڻھن جي چڪاس به صحيح طريقي سان نه پئي ڪئي وڃي واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري ميھڙ ۾ عدالت جي سيڪيورٽي سسٽم کي بھتر ڪيو وڃي. هوڏانهن ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران عدالت اندر حملي واري واقعي خلاف اڄ ڇنڇر تي دادو ضلعي اندر عدالتي ڪارواين جي بائڪاٽ جو اعلان ڪندي سموري ضلعي اندر عدالتي ڪاروايون معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي ميھڙ بار جي صدر وڪيل نجيب احمد مھيسر موجب سموري ضلعي جي بار جي عھديدارن سان رابطو ڪرڻ کان پوء احتجاجن سموري ضلعي جي ڪورٽن ۾ عدالتي ڪاروايون معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي پوري ضلعي ۾ عدالتي ڪاروايون معطل ھونديون. ٻئي طرف دادو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميھڙ ڪورٽ اندر حملو ڪري 3 قيدين کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي قراداد پاس ڪري واقعي جي مذمت ڪئي وئي آھي دادو ڊسٽرڪٽ بار پاران پاس ڪيل قراداد ۾ واقعو ميهڙ ڪورٽ ۾ گيٽ انچارج جي نااهلي سبب پيش اچڻ جو ذڪر ڪيو ويو آھي بار پاران آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ميهڙ ڪورٽ ۾ ٿيل واقعي جو نوٽيس وٺي ڪورٽ جي گهاٽ جو مقرر انچارج ۽ گھاٽ تي مقرر پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي.