دادو ايڪتا رنگن ۾ رڱجي ويو، هڪ ئي ڏينهن مختلف تقريبون، قومي گيتن تي جهمريون

0
142
دادو ايڪتا رنگن ۾ رڱجي ويو، هڪ ئي ڏينهن مختلف تقريبون، قومي گيتن تي جهمريون
دادو ايڪتا رنگن ۾ رڱجي ويو، هڪ ئي ڏينهن مختلف تقريبون، قومي گيتن تي جهمريون

دادو (رپورٽر) دادو ۾ ايڪتا جي رنگ نکري پيا ، سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ۽ پرائمري اسڪول ۾ تقريبون ٿيون آهن ، سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس دادو ۾ فائينل ايئر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ايڪتا ۽ ثقافتي رنگن سان جرڪي پئي، سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون اجرڪ ، ٽوپيون ۽ ثقافتي لباس اوڍي آيا

شاگردن پاران فنڪار احسن سخيراڻي جي ڳايل قومي گيتن ۽هو جمالو تي ناچ ڪوڏ ڪندا ۽ جهومريون هڻندا رهيا، دادو شهر جي وزير آباد پاڙي جي پرائمري اسڪول ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهايو سوين معصوم شاگرد توڙي شاگردياڻيون نئون لباس ، اجرڪ ، ٽوپيون پائي آيا

مختلف قومي گيتن جي ڌنڌن تي جهومريون هڻي نچندا رهيا ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين چيو آهي ته هو 3 ڊسمبر ڌهاڙي کي عيد جيان ڪري ملهائيندا، ان لاءِ هنن نوان ڪپڙا، اجرڪ ، ٽوپيون خريد ڪيون آهن