دادو: ام رباب چانڊيو جي والد سميت ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي

0
62
دادو: ام رباب چانڊيو جي والد سميت ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي
دادو: ام رباب چانڊيو جي والد سميت ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي

دادو جي عدالت ۾ ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، ام رباب فريادي ۽ وڪيل سميت عدالت پهتي، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار به پيش، ام رباب ۽ فريادي پرويز چانڊيو طرفان جاچ آفيسر کان جرح بابت درخواست داخل، عدالت ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جاچ آفيسر کي پيش ٿيڻ بعد نوٽيس جاري،عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيوته ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل کي جنوري ۾ 7 سال پورا ٿيندا، عدالت مان انصاف جي اميد آهي، اسان جاچ آفيسر اعجاز ڀٽي کي ٻيهر گهرائڻ جي درخواست ڏني آهي، جنهن کان اسان جي وڪيل کي ڪجهه سوال ڪرڻا آهن، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو چيو ته ڪيس پڄاڻي تي پهچي چڪو، هنن جي ميائو ميائو بند ٿي وئي، ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي رکيو، اها سڀني کي خبر آهي.