دادو ( رپورٽر ) دادو جي آرمي پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان شاندار ثقافتي پروگرام ٿي گذريو ، اسٽيج تي سنڌي ڪلچر واريون ٽڪ جون رليون ، دٻڪيون ، ڇڄ سجايا ويا ، ثقافتي تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن ، شاگردياڻين پاران سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي شرڪت ڪئي ۽ مختلف قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌي رسمن هيٺ گهوٽ ، ڪنوار جي شادي جو ٽيبلو پڻ پيش ڪيو ويو ۽ قومي گيتن تي استادن توڙي شاگردن پاران جهومريون هڻي رقص ڪيو ويو ۽ فنڪار حبدار سخيراڻي پاران ڪات منهنجي ڪنڌ تي ، منهنجو جمالو جتن سان ۽ ٻيا گيت ڳائي ڀرپور داد حاصل ڪيو ، ان موقعي تي پرنسپل ھارون اشفاق ، وائيس پرنسپال ميڊم سعيده بانو ، مس فرزانا ميراڻي ، مس رابيل نور ، ايڊمين علي حسن سولنگي ھاسٽل انچارج سليمان ڀنڀرو ، پروگرام ترتيب ڏيندڙ طارق کوسو ، اين سي او طالب ، سميت شاگردن جي والدين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ، آرمي جي نائب صوبيدار گلزار خصوصي شرڪت ڪئي تقريب ۾ پرنسپال ھارون اشفاق، سليمان ڀنڀرو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ثقافتي ڏھاڙا قومن کي زندھ رکڻ لا۽ ملھايا ويندا آھن اھي قومون ڪڏھن به ختم نه ٿيون ٿي سگھن جن جو نسل پنھنجي ثقافت جي پرچار ڪري ٿو.