ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) تعليم کاتي پاران مختلف ضلعن ۾ 6 نوان ڊي اِي اوز مقرر، ان حوالي سان تازو ڊي اِي اوز جي مقررين لاءِ اهليت وارو انٽرويو پاس ڪرڻ بعد اهل قرار ڏنل ڊي اِي اوز جي مختلف ضلعن ۾ مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته محمد موسيٰ کي ڊي اي او سيڪنڊري دادو، محمد اعظم مرکنڊ کي ڊي اِي او سيڪنڊري ايسٽ ڪراچي، امتياز قريشي کي ڊي اِي او پرائمري ايسٽ، صوبيا خاتون کي ڊي اِي او پرائمري ڪورنگي، نور احمد سومرو کي ڊي اِي او سيڪنڊري ڪورنگي ۽ قربان ڀٽي کي ڊي اِي او سيڪنڊري ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو آهي.