پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي دادلوءِ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل پورھيت الهڏنو ملاح جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ڪا اڳڀرائي نه ڪئي. ان سلسلي ۾ دادلوءِ پوليس جو چوڻ آھي ته مغوي پورهيت کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.  ڄاڻايل پورهيت کي خميس جي رات دير سان نامعلوم ھٿياربند چڪي مشين تي ڪاهه ڪري اغوا ڪري کڻي ويا هئا. اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسين پاران پيرا کڻڻ باوجود مغويءَ جو پتو نه پئجي سگهيو. علائقي واسين موجب ڏوھاري مغويءَ کي گھوٽڪي ويجھو درياءَ پار کڻي ويا آھن. ان سلسلي ۾ دادلوءِ پوليس جو چوڻ آھي ته مغويءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وارثن مطالبو ڪيو آهي ته مغوي پورهيت کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اغوا واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.