دادلغاري (ن پ ا) دادلغاري ڀرسان گهرو اڻبڻت تان مڙس ھٿان زال بندوق جو فائر ڪري قتل، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل نه ٿيو، تفصيل موجب ڳوٺ علي بخش مھر ۾ مڙس اڪبر مھر گھرو اڻبڻت تان پنھنجي گھرواري زبيدهه مھر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي دادلغاري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي ميرپور ماٿيلو اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي والد پٺاڻ مھر ٻڌايو ته اڪبر مھر گھرو اڻبڻت تان منھنجي نياڻي کي بيگناهه گولين جو کاڄ بڻايو، نياڻي جي 2 سال اڳ اڪبر مھر سان شادي ٿي هئي، جنھن مان ھڪ نياڻي جو اولاد پڻ آھي، پوليس موجب گھرو اڻبڻت تان مڙس پنھنجي زال کي قتل ڪيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي رھيو ھو ته ڪارروائي ڪري کيس گرفتار گرفتار ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.