دادلغاري(ن پ ا) دادلغاري ۾ نرلي مائينر کي آر ڊي 74 وٽان 50 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو، ڪپهه ۽ ڪمند جو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو، آبپاشي عملدارن 4 ڪلاڪن بعد گھاري کي بند ڪري ورتو، ان موقعي تي ڳوٺاڻي اسرار احمد لغاري ٻڌايو ته نرلي مائينر جا ڪپر ڪمزور ھجڻ جون ڪيترائي ڀيرا ايگريشن عملدارن کي لکت توڙي زباني شڪايتون ڪيون پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو، پاڻي وڌڻ سبب صبح سوير گھارو پئجي ويو، اطلاع ڏيڻ باوجود عملدارن 4 ڪلاڪن بعد گھاري واري ھنڌ پھتا.