دادلغاري(ن پ ا) دادلغاري جا 2 پورھيت ٻن ڏينھن بعد راڄوڻي ڪوششن وسيلي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي گھر پھچي ويا، پورھيت نثار شر ۽ عبدالرزاق شر سکر کان گھر ايندي رستي مان اغوا ڪيا ويا ھئا، ھوڏانھن پورھيتن جي وارثن شوڪت شر ۽ ٻين پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جي نوجوانن کي اغوا ڪارن اغوا ڪري غوثپور جي ڪچي ۾ رکيو ھو، جتي شر برداري جي چڱن مڙسن جي ڪوششن سان سندس بازيابي عمل ۾ آئي آهي.