ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار آئوٽ آف اسڪول (اسڪولن کان ٻاهر ) ۽ ننڍي عمر وارن ٻارڙن جي تعليم جي حوالي سان 5 سالن جو ملٽي سيڪٽرل روڊ ميپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان ڪالهه تعليم واري وزير سردار شاھه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو ته تعليم جي حوالي سان ملٽي سيڪٽرل روڊ ميپ قائم ٿيڻ بعد ايندڙ 5 سالن ۾ وڌ کان وڌ ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ ۽ سندن تعليم جاري رکڻ ۾ ڪيترائي چيلينجز آهن، اسان ٻارن جي تعليم ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري اهڙو رستو ٺاهينداسين ته جيئن ٻارڙا پنهنجي سهوليت موجب اسڪول وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ٻارڙن جي پيدائش وقت سندس رجسٽريشن سان گڏ ضروري معلومات  هجڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ملٽي سيڪٽرل روڊ ميپ تحت پيدائش، صحت، پبلڪ هيلٿ، سوشل پروٽيڪشن، ماحولياتي تبديلين ۽ ٻين شعبن تي به ڪم ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ارلي چائلڊ هوڊ، پرائمري ۽ ايليمينٽري ايجوڪيشن تائين تعليم ۾ مدد لاءِ ڊيٽا بيس تيار ڪيو ويندو.