ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي فين ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن جون داخلائون معطل، عدالت دائود يونيورسٽي انتظاميا ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي انتظاميه پاران فين ۾ ڪيل واڌ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن جون داخلائون معطل ڪرڻ خلاف 2 شاگردن عدالت سان رابطو ڪري ورتو، عدالت دائود يونيورسٽي انتظاميا ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي 19 نومبر تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊوڪيٽ عثمان فاروق ٻڌايو ته شاگردن فين ۾ واڌ خلاف يونيورسٽي جي احاطي کان ٻاهر احتجاج ڪيو ھو، انهي باوجود يونيورسٽي انتظاميا سميع الله، عذير ۽ ٻين جون داخلائون معطل ڪري ڇڏيون آھن، جنهن تي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته امتحان ڪڏهن ٿي رھيا آهن؟ وڪيل ٻڌايو ته 9 آڪٽوبر تي فائنل ايئر جا امتحان ٿي رهيا آهن، يونيورسٽي انتظاميا جي غير قانوني قدم سان شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي.