ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي انتظاميا 9 شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ بعد سندن خلاف وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، پٽيشن ۾ رجسٽرار سيد آصف علي شاهه ڄاڻايو آهي ته تعليمي ادارن ۾ شاگردن مٿان سياست ڪرڻ يا سياسي ونگ سان تعلق تي پابندي هجڻ باوجود ريسٽيڪيٽ ڪيل 9 شاگردن سياست ڪرڻ سان گڏ يونيورسٽي ويجهو سياسي جماعت جي ڪيمپ لڳائي سياسي جماعتن جي آفيشل پيج تي يونيورسٽيءَ جو لوگو استعمال ڪيو آهي، رجسٽرار موجب ٽن سياسي پارٽين سان واسطو رکندڙ 9 شاگرد سياسي سرگرمين ۾ ملوث آهن، جن مادرعلمي جو تعليمي ماحول خراب ڪيو آهي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.