خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ مبينا قتل ٿيل 3 ٻارڙن عارف، مھناز ۽ علي مدد شيخ جو ڪيس 7 ويجهن عزيزن خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، شاهنواز شيخ جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ جميل احمد شيخ، رفيق احمد شيخ، ديدار علي شيخ، الهه بخش شيخ، الطاف شيخ، الاهي بخش شيخ ۽ مسمات منور خاتون شيخ کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ وياسين، ٻار گهر ۾ اڪيلا هئا، واپس شام جو آياسين ته ٻار گهر  ۾ موجود نه هئا، جن جي ڳولا ڪرڻ سان گڏ پوليس کي اطلاع پڻ ڏنو پر ان جي باوجود ٻار هٿ نه آيا، ٻئي ڏينهن تي ڄاڻايل جوابدارن چيو ته اوهان ٻار ڇو ٿا ڳوليو اهي ته پيتي ۾ آهن، ان تي اسان پيتي کولي ته ٻارن جا لاش پيل هئا، ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن ڪنهن دشمني تان ٻارن کي تشدد ڪري قتل ڪيو آهي ۽ بعد ۾ سندن لاش اسان جي گهر ۾ پيل پيتي ۾ رکيا آهن.