خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج علي بخش ٿيٻو جي عدالت ۾ ٽنڊومستي خان پوليس هٿان 14 جون 2024ع تي ٽنڊومستي کان فيض واهه ڳوٺ ڦوڙي چانڊيا ويندڙ لنڪ روڊ وٽان گذرندڙ جوابدار سجاد عرف سجو ولد غلام قمبر چانڊيو کان 10 ڪلو ڀنگ هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي آن لائن ويڊيو لنڪ ذريعي ٿي ٻڌڻي دوران جوابدار سجاد عرف سجو چانڊيو کي سينٽرل جيل خيرپور ۾ پوليس ذريعي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ڪيس ۾ جوابدار سجاد عرف سجو چانڊيو مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس 14 سال قيد ۽ ٻه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.