فيض گنج(رپورٽ: رياض سولنگي) ضلعي خيرپور ميرس مان 4 سالن دوران 10 فوڊ سينٽرن تان 37 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ پاران 10 فوڊ سپروائيزرن ۽ فوڊ انسپيڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه عملدارن کي معطل پڻ ڪيو ويو آهي، خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب غائب ٿيل ڪڻڪ جي ماليت لڳ ڀڳ 35 کان 40 ڪروڙ رپيا آهي، جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس مطابق غائب ٿيل ڪڻڪ جي جڳهه تي ٻورين ۾ مٽي، پٿريون ۽ ڀهه ڀريو ويو آهي، جن سينٽرن تان ڪڻڪ غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، انهن سينٽرن ۾ خيرپور، ڀنگو بهڻ، رپڙي، ٽنڊو مستي، ڊرٻ ميهر شاهه، ڪنب، ٻٻرلوءِ، راڻي پور، پير جو ڳوٺ، وارث ڳنڀير سينٽر شامل آهن، جڏهن ته الزام هيٺ آيل عملدارن ۾ رحمت الله راڄپر، بهادر ميراڻي، شڪيل ميربحر، محرم علي، احمد بخش ميراڻي، رياض حسين سانگي، عصمت الله لانگاهه، پير بخش، علي مردان نائچ، محمد اسلم شاهه ۽ ٻيا شامل آهن.