خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت مختلف ڪيسن جي 4 جوابدارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم، خبر موجب خيرپور جي فرسٽ سول جج شبانه عرف عشا سهتو جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي ٽن الڳ الڳ ڪيسن ۾ روپوش جوابدار ڳوٺ چنا واسي ديدار اڄڻ، مل ڪالوني واسي ابراهيم پٺاڻ، سلطان بادشاهه ڳوٺ واسي مبارڪ چنو ۽ فيصل ڪالوني واسي سلطان شاهه جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.