خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٽي ڏينهن اڳ سولنگي ناريجا تڪرار ۾ مارجي ويل نوجوانن ميانداد ناريجو، اعجاز ناريجو ۽ قائم الدين ناريجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي علي داد ناريجو، پنهل ناريجو، يار محمد، خدا بخش، الهداد ناريجو ۽ ٻين چيو ته نوجوان کير وڪرو ڪندا هئا، جن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس وڏا ماڇيون ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه پئي ڪري، هنن چيو ته سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ناريجا سولنگي تڪرار جو ڊرامو رچايو ويو آهي، مظاهرين چيو ته وڏا ماڇيون ٿاڻي جو ايس ايچ او ۽ عملو جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي، هنن جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي.