خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي فرسٽ سول جج نديم احمد ٻرڙو جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي ٻن الڳ الڳ ڪيسن ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدارن کي پوليس طرفان عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ سبب جوابدار خيرپور شهر جي ٽالپور ڪالوني واسي وحيد علي اڄڻ، ڳوٺ پنجل ڪلهوڙو واسي نثار عرف انب ڪلهوڙو ۽ ڀاڻو ڳوٺ واسي اڪبر ڦلپوٽو خلاف قلم 87 / 88 جي ڪاروائي ڪندي کين اشتهاري قرار ڏئي سندن نالي ٿيل ملڪيت ضبط ڪري کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ساڳي عدالت هڪ ٻئي ڪيس ۾ جوابدار نوشهروفيروز جي ڳوٺ ٻنڊو واسي وريام رند، محمد رفيق رند ۽ نور محمد رند جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.