خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڳوٺ وڏا مانگ ٽڳڙ واسين پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي استاد خادم ٽڳڙ، عبدالقدير، مسمات اربيلي، مسمات ياسمين، صفوران، فيض محمد ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل رات دير سان وڏا ماڇيون ٿاڻي سميت مخلتف ٿاڻن جي پوليس اٽالن اسان جي گھرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو، هنن چيو ته پوليس مسجد ۾ داخل ٿي مسجد کي شھيد ڪيو ۽  ڀڃ ڊاهه ڪئي، مظاهرين چيو ته پوليس چڙهائي دوران پوليس عورتن کي تشدد ڪندي گار گند ڪئي ۽ 12 سالا معصوم نينگر کي کنڀي کڻي وئي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس چڙهائي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.