خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ وڏيرو ملهار اوڍو جي رهواسين پوليس طرفان نوجوان عاشق پٽ حاجي خان اوڍو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن طرفان خيرپور پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل نوجوان جي امڙ مسمات بشيران ۽ ڀاءُ وقار اوڍو صحافين کي ٻڌايو ته پريالوءِ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او اسان جي مخالفن کان رشوت وٺي اسان جي نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته پوليس اسان جي نوجوان کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ھاف فراءِ يا فل فراءِ ڪري ڇڏيندي. هنن چيو ته اسان نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺي نوجوان جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو.