خيرپور (رپورٽر) کهڙا ڀرسان ڳوٺ حاجي در محمد ڄامڙو جي رهواسين عورتن ۽ ٻارن کي ساڻ ڪري نظير ڄامڙو، محمد فضل ڄامڙو، امام بخش، مسمات حبيبان، مسمات ڌياڻي، شبيران خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي زرعي جيڪا اسان جي ابي ڏاڏي جي ملڪيت آهي ان زمين جو قبضا مافيا عطا محمد ڄامڙو، حسين بخش ڄامڙو ۽ غلام محي الدين ميمڻ ملي ڀڳت ڪري مختيارڪار گمبٽ صلاح الدين گهمرو ۽ تپيدار عارف آرائين کي ڳري رشوت ڏئي کاتو محي الدين ميمڻ جي نالي تي تبديل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.