خيرپور (رپورٽر) کهڙا جي رهواسڻ سعيده ناريجو خيرپور ۾ احساس وومين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي آفيس پهچي ڌيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مسمات سعيده ناريجو صحافين کي ٻڌايو ته ٽي سال اڳ منهنجي ڌيءَ حنيفان ناريجو کي سندس مڙس ايس پي آفيس ۾ ڪلارڪ نظير ناريجو بيدريءَ سان قتل ڪيو هو ان دوران سياسي ڀوتارن ۽ سردارن جي دٻاءَ سبب منهنجي ڌيءَ جي لاش جو پوسٽ مارٽم به ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ چپ چاپ کيس دفن ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجي ڌيءَ جي قتل کان پوءِ سندس قتل جو ڪيس به داخل نه ڪيو ويو نه ئي سندس قاتل مڙس کي گرفتار ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته قتل جو اکين ڏٺو گواهه منهنجو 12 سالا ڏوهٽو ظهير ناريجو آهي جنهن پنهنجي ماءُ کي پيءُ هٿان قتل ٿيندي ڏٺو.