خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊرگ انسپيڪٽر ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هڻي 5 کان وڌيڪ اسٽور سيل ڪري ڇڏيا، اي سي ارسلان حيدر ڦلپوٽو ڊرگ انسپيڪٽر کي ساڻ ڪري شهر جي مختلف هنڌن تي ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هڻي غير معياري دوائون هلائڻ تي 5 کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽور سيل ڪري ڇڏيا، اي سي جو چوڻ هو ته غير قانوني ۽ غير معياري دوائون هلائڻ جي الزام هيٺ 5 کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽور سيل ڪيا آهن، هن چيو ته ميڊيڪل اسٽورن تي غير قانوني طور غير معياري دوائون هلائڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.