خيرپور (شوبز نيوز) خيرپور آرٽس ڪائونسل طرفان ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي تعاون سان ستن ڏينهن واري ٿئيٽر فيسٽيول جي ٽئين ڏينهن تي نامور شاعر حبدار جاگيراڻي جي هدايتڪاري ۾ سڪندر عباسيءَ جو لکيل اصلاحي ۽ مزاحيه ڊرامو “بريف ڪيس” پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ٽي وي ۽ اسٽيج جي مشهور اداڪارن عاليه چنا، ذوالفقار بڙدي، بلاول کوکر، امجد گل سومرو ۽ ٻين اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري خوب داد حاصل ڪيو. ٿئيٽر فيسٽيول جي خاص مهمان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه هئي. ڊرامي کان اڳ خطاب ڪندي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته جڏهن هوءَ ضلعي ناظمه هئي ته هن اوپن ايئر ٿيٽر ٺهرائڻ واري اسڪيم منظور ڪرائي ته جيئن خيرپور جي شهرين کي تفريح جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ۽ خيرپور آرٽس ڪائونسل طرفان ڊراما ٿيئٽر ۽ ٻين مختلف پروگرامن ذريعي هن نفسا نفسي واري ماحول ۾ اهڙا موقعا فراهم ڪرڻ تي دلي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته هر ماڻهوءَ جي اندر ڪا نه ڪا صلاحيت موجود آهي انهن صلاحيتن جي آڌار تي کين آرٽس ڪائونسل جو ميمبر بڻايو وڃي. هن چيو ته هوءَ خيرپور آرٽس ڪائونسل سان هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ خيرپور آرٽس ڪائونسل جي صدر نامور ليکڪ مختيار ملڪ خطاب ڪندي چيو ته خيرپور آرٽس ڪائونسل جي صدارت جو عهدو ماڻڻ کانپوءِ آرٽس ڪائونسل جي ترقي ۽ شهرين کي تفريح جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ سندس اولين ترجيح ۾ شامل آهي. ڊراما ٿيئٽر ۾ اديبن، شاعرن، صحافين، وڪيلن، واپارين، شهرين ۽ زندگيءَ جي ٻين مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.