خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي جي عدالت جي حڪم تي سيڪنڊ سول جج اسد الله مهيسر ٻي عدالتي عملي کي ساڻ ڪري بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪري ورتو ۽ لاڪپ جي تلاشي دوران ناحق باندي بڻايل پنوعاقل جي رهواسي سيف الله ولد واحد بخش ڪلهوڙو کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو جتي عدالت باندي بڻايل سيف الله ڪلهوڙو جي بيان ۽ سيڪنڊ سول جج اسد الله مهيسر جي رپورٽ ڏسڻ بعد بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او سب انسپيڪٽر نظير منگي کي ڏوهي قرار ڏيندي سندس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙي ڪاروائي پنوعاقل جي رهواسي ارسلان ڪلهوڙو جي درخواست ملڻ بعد ڪئي.