خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پينشنرن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي وئي. مظاهرين فقير شفيع محمد سولنگي، سائين بخش ڪورائي، مير قمبر علي خان ٽالپر، شيراز ۽ فرزند علي سولنگي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته رٽائر ملازمن ۽ پينشنرن سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن. هنن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ جي حڪمن باوجود گروپ انشورنس ۽ بينولينٽ فنڊ نه پيا ڏنا وڃن. ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس خيرپور ۾ 72 ڪروڙن جا پاس ٿيل بل ڄاڻي واڻي روڪيا ويا آھن. هنن چيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته پوري سنڌ جا رٽائرڊ ملازم چيف منسٽر هائوس ڪراچي آڏو ڌرڻو هڻندا.