خيرپور (رپورٽر) پورهيتن جي فتح جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سماجي تنظيم پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپئين طرفان عظيم بالشويڪ انقلاب جي 106 هين سالگره تقريب انقلابي هائوس خيرپور ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ انقلابي پورهيتن اڳواڻن سميت نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڪامريڊ انور پهنور، اعجاز عباسي، ڪامريڊ مختيار خميساڻي، امجد لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ جي چئني طرفن ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ لاعلاجي پکڙيل آهي جنهن جي نجات جو حل انقلاب وارو ئي رستو آهي ۽ اهو رستو سڀني پورهيتن کي متحد ٿي اختيار ڪرڻو پوندو. سرمائيدارن ۽ سياستدانن هٿرادو مهانگائي ڪري پورهيتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي غريب پورهيت هڪ ويلو ماني کائڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. هنن چيو ته بالشويڪ انقلاب تي هلڻ سان هر هڪ پورهيت کي پنهنجو مان ۽ مرتبو ملي سگهي ٿو. هنن چيو ته اڄڪلھه جي وقت جا سامراج هن انقلاب کي قطعي تسليم نه ٿا ڪن پورهيتن کي پنهنجي جائز حق کان محروم رکيو وڃي ٿو. هنن چيو ته اسان سڀني پورهيتن ۽ مزدرون کي گڏجي حقيقت کي سمجهڻو پوندو ۽ بالشويڪ انقلاب آڻڻ لاء ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي.