خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لقمان شهر جي سلطان ڪالوني ۾ ھٿياربندن مبينا طور پوليس اهلڪار اڪرام ڦلپوٽو جي گهر ۾ زبردستي داخل ٿي سندس گھر واري مسمات حميرا ڦلپوٽو کي زبردستي اغوا ڪري ورتو ۽ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، واقعي خلاف ڦلپوٽا برادري جي سوين ماڻهن شاهه حسين باءِ پاس تي احتجاج طور روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي پوليس اهلڪار اڪرام ڦلپوٽو ٻڌايو ته مري برادري جي بااثر ماڻهن فضل مري، حفيظ، رحمان، محبوب مري ۽ ٻين گهر تي ڪاھ ڪري گهر واري کي زبردستي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو، ھن چيو ته ٻه مهينا اڳ مري برادري جي عورت سکر جي ڦلپوٽا برادري جي نوجوان سان عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن جي پلاند ۾ اسان جي عورت کي اغوا ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته 6 فيبروري تي لقمان شهر جي رھواسڻ نوجوان ناري ثمرين مري گهران نڪري ڦلپوٽا برادري جي عبدالرحمان ڦلپوٽو سان سکر جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي.