خيرپور (رپورٽر) گورنمينٽ گرلز پرائمري ناصر پبلڪ اسڪول ۽ ٻين اسڪولن ۾ ساليانو امتحان منظم طريقي سان جاري آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر اياز حسين مھيسر اسڪولن جو دورو ڪري هلندڙ امتحان جو جائزو ورتو، ان موقعي تي پرائمري ناصر پبلڪ اسڪول جي هيڊ مسٽريس عابدهه ڇڄڙو کيس اسڪول ۾ انتظامن ۽ ليڊي ٽيچرز جي حاضري سميت ٻين معاملن تي ڊي اي او کي بريفنگ ڏني، ڊي اي او اسڪول ۾ بھترين ماحول جوڙڻ ۽ منظم طريقي سان امتحان منعقد ڪرائڻ تي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته اسڪول جي هيڊ مسٽريس توڙي اسٽاف جون تعليم جي واڌاري ۽ بهتري لاءِ ڪيل ڪاوشون ۽ ڪوششون قابل تعريف آھن، هن چيو ته  اسان جي ضلعي ۾ اھڙن آفيسرن جي ضرورت آھي، جيئن تعليم ۽ تدريس جي عمل کي ھٿي ملي سگهي.