خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ پاڻي ڀري نه ڏيڻ تان پوليس اهلڪار جو شهري تي مبينا تشدد، احتجاج، خبر موجب خيرپور ۾ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد مصطفيٰ ڪالوني جي رهواسي حافظ محمد مريد احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پوليس اھلڪار فياض سومرو، سندس پٽ ۽ ڀاءُ شر برادري جي جڳهه مان پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ آيا جنهن جڳهه جي چاٻي مون وٽ موجود نه هئي، جنهن تان هنن مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، ھن چيو ته مون اهڙي واقعي جي شاهه لطيف ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، ھن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پوليس اهلڪار سندس ڀاءُ ۽ پٽ کي گرفتار ڪيو وڃي.