خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي ناراض، ٻن ٿاڻن جي ايس ايچ اوز سميت پنجن ڄڻن خلاف شوڪاز نوٽيس جاري، عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي کي ليٽر، خبر موجب خيرپور جي فرسٽ سول جج نديم احمد ٻرڙو جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ جاچ عملدار ذوالفقار علي گوپانگ، شاهه حسين ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ جاچ عملدار فهيم احمد ڦلپوٽو ۽ جاچ عملدار محمد ابراهيم چانڊيو خلاف انڊر سيڪشن 166 ساڻ سيڪشن 174 ۽ 175 تحت شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته کين عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.