خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھه تان سئوٽن ۾ جهيڙو، سروٽا ۽ لٺيون لڳڻ سبب همراهه قتل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سائدهه ڳوٺ محلي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان سئوٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران سروٽا ۽ لٺيون لڳڻ سبب 40 سالا آصف علي منگي مارجي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، سول اسپتال ۾ مقتول جي پٽ صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار ساجن منگي ۽ مزمل منگي سروٽا هڻي والد کي قتل ڪيو، هن ٻڌايو ته ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ جوابدارن بيگناهه والد کي قتل ڪري ڇڏيو، هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.