خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٺيڙهي شهر جو رھواسي نوجوان ٺيڙهي ڦاٽڪ وٽ اوور هيڊ برج پل وٽ موٽر سائيڪل تان ڪري فوت، گشتي پوليس ۽ وارثن طرفان سندس لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٺيڙهي شهر جو رهواسي 35 سالا نوجوان سميع الله پٽ صفيع الله ميمڻ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي خيرپور شهر کان ٺيڙهي وڃي رهيو هو ته پل تان ڪري فوت ٿي ويو. گشتي پوليس واقعي واري هنڌ تان گذرڻ دوران فوتي نوجوان جي موبائل فون ذريعي وارثن کي اطلاع ڏنو جنهن بعد لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. ضروري ڪارروائي بعد وارث نوجوان جو لاش سندس گهر کڻائي آيا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.