خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ وياجين کان تنگ ٿي آبپاشي ملازم طرفان ٻارن سميت روهڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشيءَ  جي ڪوشش، ڳوٺاڻن کيس بچائي ورتو. خبر موجب ڊرٻ ميهر شاهه جي رهواسي آبپاشي کاتي جي ملازم رستم ٿيٻو پنهنجي ٻارن سميع الله، سرفراز ۽ امام زادي سميت روهڙي ڪينال ۾ مبينا طور ٽپو ڏئي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڳوٺاڻن کيس بچائي ورتو. ان موقعي تي رستم ٿيٻو صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته هڪ لک تي چار لک رپيا ڏئي چڪو آهيان، وياجي اڃان چار لک وڌيڪ گهري رهيا آهن. ٽنڊو مستي پوليس به انهن جي ونگار وهي رهي آهي. هن الزام مڙهيو ته وياجي خيرپور جي هڪ بااثر صوبائي وزير جا باڊي گارڊ آهن، جن کان مون وياج تي هڪ لک رپيا ورتا هئا، ان جي عيوض کين چار لک رپيا ڏئي چڪو آهيان. ان جي باوجود کيس پريشان ڪيو پيو وڃي. هن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي وياجين مان جند آجي ڪرائي وڃي.