خيرپور (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسئيشن خيرپور طرفان پاڪستان ھاڪي فيڊريشن جي ھدايت تي بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان خيرپور تي 5 ڏينهن کان جاري آهي، ٻين چيف آف آرمي اسٽاف انٽر ڪلب ھاڪي چيمپئن شپ جا سڀ ليگ ميچز کٽي مھراڻ ھاڪي ڪلب خيرپور پنهنجي ئي اعزاز جو دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب ۽ اڳئين رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ڊائمنڊ ھاڪي ڪلب 4 ميچز ۾ ڪاميابي کانپوءِ ٻئي نمبر تي رھي، ڪنگري ھاڪي ڪلب ٽن ميچن ۾ ڪاميابي سان ٽين پوزيشن حاصل ڪئي جڏھن ته ينگ اسپورٽس ھاڪي ڪلب، سٽي ھاڪي ڪلب ۽ ينگ ھاڪي ڪلب جي ٽيمن بھترين راند جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ذوالفقار علي ڏھوٽ صدر مھراڻ ھاڪي ڪلب، عنايت علي صدر ڪنگري ھاڪي ڪلب، عرفان علي سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن خيرپور، پروفيسر نجم الحسن، غلام مرتضي سيڪريٽري ينگ اسپورٽس ھاڪي ڪلب، قادر بخش سيڪريٽري ينگ ھاڪي ڪلب، امتياز جماڻي صدر سٽي ھاڪي ڪلب، صفدر علي صدر ڊائمنڊ ھاڪي ڪلب ۽ ٻيا موجود ھئا.