خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن طرفان اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي سنڌ جي تعاون سان بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان خيرپور ۾ آل پاڪستان ھاڪي ٽورنامينٽ شروع ٿي وئي آهي، جنهن جو افتتاح اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي ڪيو. ان موقعي تي عنايت علي ڏھوٽ، لال بخش منگي، محمد رمضان جمالي سيڪريٽري سنڌ ھاڪي ايسوسيئيشن، ذوالفقار علي ڏھوٽ آرگنائزنگ سيڪريٽري ۽ نائب صدر سنڌ ھاڪي ايسوسيئيشن، منير حسين منگي وائيس چئيرمين خيرپور ميونسپل ڪاميٽي، مظھر علي مڱڻهار پرسنل سيڪريٽري سيد قائم علي شاھه، محمد اخلاق ميمڻ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر خيرپور، محمد يامين ملڪ، غلام اصغر سھاڳ ڊائريڪٽر اسٽيوٽا سکر ريجن، پروفيسر فقير محمد سھاڳ، جاويد سومرو صدر ڊسٽرڪٽ فوٽ بال ايسوسيئيشن خيرپور، پروفيسر جاويد رسول راھپوٽو، سيلم احمد آرائين سينئير ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن، محمد امين آرائين، پروفيسر نجم الحسن، زاھد علي گاڏھي، سيد علي عباس، محمد عمران، عبدالرئوف پٺاڻ ۽ ٻيا موجود ھئا. ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺي رھيون آھن. افتتاحي ميچ سکر ۽ ڪشمور جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ سکر جي ٽيم 2-0 تان ڪاميابي حاصل ڪئي جنھن ۾ حارث سرور ۽ دانيال گول ڪري ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، ان کان اڳ خيرپور ۽ شڪارپور جي ٽيمن وچ ۾ ميچ ٿيو جنهن ۾ خيرپور 3-0 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي جنهن  سفير، علي شناور ۽ حيدر علي 1-1 گول اسڪور ڪري ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي مھمان خاص سيد قائم علي شاھه آرگنائزنگ ڪاميٽي ۽ ٽيم جي مينيجرن کي اعزازي شيلڊون ڏنيون.