خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ گهروارن سان ناراض ٿي نوجوان زهريلي دوا پي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي، خبر موجب خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نظاماڻي پاڙي جي رهواسي نوجوان زوهيب خاصخيلي گهر وارن سان ناراض ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي، واقعي بعد نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن طرفان سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.