خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ لقمان شهر جو رهواسي 17 سالا نوجوان مينهون چاريندي لقمان بئراج ۾ ٻڏي ويو، لاش جي ڳولا جاري، خبر موجب نوجوان محمد يونس پٽ دوست محمد ٽانوري لقمان بيراج وٽ مينهون چاري رهيو هو ته اوچتو بيراج ۾ ڪري ويو، واقعي بعد نوجوان جا وارث پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين لاش هٿ اچي نه سگهيو هو.